ايڊلجي ڊنشا ڊسپنسري

ايڊلجي ڊنشا ڊسپنسري

ايڊلجي ڊنشا ڊسپنسري

ايڊلجي ڊنشا ڊسپنسري (Edulji Dinshaw Dispensary): ڪراچي شهر جي هيءَ پراڻي ڊسپنسري، سماجي ڪارڪن ايڊلجي ڊنشا جي ڪاوشن جو نتيجو آهي. جيڪا اڄ به صدر جي مصروف ڪاروباري علائقي ۾ موجود آهي.
هيءَ عمارت 1882ع ۾ تعمير ڪئي وئي ۽ جيمز اسٽريچن، اطالوي عمارتسازيءَ جي طرز تي تعمير ڪرائي. هيءَ عمارت فن تعمير جو هڪ شاهڪار نمونو آهي. هيءَ عمارت صدر بازار جي ڪاروباري مرڪز ۾ موجود آهي. هن عمارت جي تعمير تي ان دور ۾ 12000 روپيا خرچ ڪيا ويا، جنهن جو اڌ ايڊلجي ڊنشا ڀريو، جنهن سبب هيءَ عمارت سندس نالي سان ئي منسوب ڪئي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو